پير سعيد حسن

پير سعيد حسن: پير سعيد حسن جو تعلق لنواريءَ وارن پيرن جي خاندان سان آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي ڪراچي وسائي ۽ اتي ليڪچرار طور پنهنجي ملازمت جي شروعات ڪيائين ۽ پروفيسر ٿي رٽائر ڪيائين. سنڌ جي هن تعليمي ماهر جون علمي خدمتون قابلِ تعريف آهن. سندس نالي پٺيان تحقيقي ڪتبخاني ۾ 21 نومبر 1981ع تي ڪارنر قائم ڪيو ويو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي. پير صاحب جي ڪارنر لاءِ تحفي ۾ مليل مواد ۾89 سنڌي، 376 انگريزي، 97 اردو، 20 عربي، 35 فارسي ڪتاب ۽ 21 قديم ۽ ناياب قلمي نسخا (جملي 638) ڪتاب ۽ 21 سنڌي، 29 انگريزي، 8 اردو ۽ 5 عربي رسالا، (جملي 63) ڏنا ويا آهن. هن ڪارنر جي مواد جو جيتري قدر واسطو آهي ته ان ۾ تعليم، اسلامي تعليم، فلسفي، عام معلومات، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب تي مشتمل مواد موجود آهي.


لفظ پير سعيد حسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو